پيارڪيو سينگار

پيارڪيو سينگار (فلم): سنڌ سائن فلمز جي پهرين پيشڪش تي مبني هيءَ رنگين سنڌي فلم جمعي 15 فيبروري 1974ع تي رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار ۽ پروڊيوسر يوسف خان ۽ موسيقار غلام علي هو. فلم ۾ مشتاق چنگيزي، وسيم، عشرت چوڌري، دلاور شاهه، احمد علي، ملڪ انوکي، مشتاق جسڪاڻي ۽ ڪرن اداڪاري ڪئي. هيءَ فلم شاليمار سئنيما حيدرآباد، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، تاج محل سئنيما ڪراچي، ايلوئيٽ سئنيما حيدرآباد ۾ پردي تي ڏيکاري ويئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو